آري چنگھڻ (لٺ)

آري چنگھڻ (لٺ) 3: هن ماڳ تي به هڪ پاهڻي لٺ کتل آهي جيڪا قبل از تاريخ جي آهي. اها ديهه مول، تعلقي ٿاڻو بولاخان، ضلعي ڄام شورو. اتر ويڪرائي ڦاڪ 125◦ 30′ 62″ اوڀر 27◦ 28′ 68″ تي واقع موجود آھي. هي ماڳ آري پير مقام کان ٣- ٤ فرلانگ اتر- اولهه پاسي آھي. ھي پڪو پٿر مناري نما (لٺ) جنھن جي اوچائي ٨٠ . ١ ميٽر، بنياد وٽ ويڪر ٤٥ . ١ ميٽر چوٽي ١٥ . ١ ميٽر ٿولهه ١٠ . ٠ ميٽر ماپ جو زمين ۾ کتل آھي. چوڌاري ڪنڊن وارا ٻوٽا اٿس. ھن تي ٻيو ڪوبه ثقافتي نشان ڪونه ھو. ھنن منارن بابت اڃا پوري ڄاڻ ڪانه پئي آھي ته اھي ڇو ۽ ڇا لاءِ کوڙيا ويا آھن. تحقيق جاري آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو